جهانداد خان ليفٽينينٽ جنرل

جهانداد خان (ليفٽينينٽ جنرل): سنڌ جو اڳوڻو گورنر جهانداد خان (مرحوم)، 1924 ۾ ڄائو. 1948ع ۾ آرٽلري ڪميشن پاس ڪري فوج ۾ شامل ٿيو ۽ ڪيترن ئي اسٽاف عهدن تي فائز رهيو. 1965ع ۾ کيس ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي ترقي ڏئي مغربي پاڪستان جي گورنر جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو، جتي کيس سول انتظاميا جو وڌيڪ تجربو ٿيو. 1980ع ۾ کيس ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي ڪور ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو. 7 اپريل 1984ع ۾ کيس سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هن 1985ع ۾ فوج مان رٽائرمينٽ ورتي. پاڪستان ۾ جمهوري حڪومت جي قيام کان پوءِ ٻيهر 29 ڊسمبر 1985ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. ڊسمبر 1986ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ’آپريشن ڪلين اپ‘ جي ناڪاميءَ کان پوءِ کانئس عهدي تان استعيفا وٺي، سندس جاءِ تي اشرف علي تابانيءَ کي 4 جنوري 1987ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. رٽائرمينٽ کان پوءِ هن الشفاء ٽرسٽ نالي هڪ سماجي اداري جو بنياد رکيو، جنهن جي پاران راولپنڊي، سکر ۽ خضدار ۾ اسپتالون کوليون ويون آهن، جتي غريب ماڻهن جي اکين جو مفت علاج ڪيو وڃي ٿو. هن ’پاڪستاني ليڊرشپ چئلينجز‘ (Pakistani Leadership Challenges) نالي هڪ ڪتاب به لکيو، جيڪو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس شايع ڪيو آهي. جهانداد خان 13 فبروري 2011ع تي راولپنڊيءَ جي فوجي اسپتال ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو